Wednesday, September 25, 2013

السلام عليڪم

جئي سنڌ

منهنجي هي هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي سنڌي ادب کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ لاءِ
اميد ته سڄڻن کي پسند ايندي

هن بلاگ تان اوهان دوست مفت ۾ سنڌي ادب جا شاهڪار ڪتاب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا جيڪي ايڊوب ريڊر ۽ ان جهڙي ٻين ڪيترين ئي اپليڪيشنز تي پڙهي سگهجن ٿا، جيئن ته سڀن ڪتابن کي ڪمپوز ڪرڻ جيترو وقت نه هئڻ ڪري مون هي ڪتاب اسڪين ڪري انهن جي صفحن کي ترتيب سان رکيو آهي ان جي باوجود جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب ۾ صفحا اڳتي پوئتي ٿيل آهن ته اوهان ڪمينٽ ۾ ان جو حوالو ڏئي لکي سگهو ٿا، انشاء الله انهن کي ترتيب سان رکيو ويندو

اڄڪلهه گهڻو ڪري هر ماڻهو وٽ سمارٽ فون آهي اهي دوست به پنهنجي فون کي ننڍڙي لائبريري ۾ تبديل ڪري سگهن ٿا

اميد ته منهنجي هي ڪاوش دوستن کي پسند ايندي شايد ان ڪوشش سان آئون ڪو سنڌ ڌرتي جو قرض لاهي سگهان


راجا ساند